لاهور-29 آگسٽ(اي پي پي) خيبرپ??تو??خوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ بئريسٽر چوڌري اعتزاز احسن ??لا??ات ڪئي. گذريل ڏينهن ٿيل ??لا??ات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته صوبي ۾ سياسي قيادت کي صوبائي حقن لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اعتزاز اح??ن جهڙي جمهوريت ۽ اصول پسند قيادت اسان جي ملڪ جو اثاثو آهي. پارٽي جي سينئر قيادت سان مشورا ۽ ان جي رهنمائي ضروري آهي. مضبوط ۽ جمهوري لحاظ سان مستحڪم وفاق شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مشن هو، اعتزاز احسن خيبرپ??تو??خوا جي گورنر جي آئيني عهدي تي فيصل ڪريم ڪنڊي جي مقرري تي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته وفاق سان خيبرپ??تو??خوا جي حقن جي حاصلات لاءِ گورنر جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.