اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته آئ??ني ترميمون اهم ۽ سنجيده معاملو آهي جنهن لاءِ مشاورت جاري آهي، چارٽر آف ڊيمو??ري??ي اندر واعدو ڪيو ويو هو ته انصاف جي فراهمي کي آسان بڻايو ويندو، پارليامينٽ سپريم ادارو آهي ۽ ان کي آئ??ن ۽ قانون ۾ ترميم جو حق حاصل آهي، عوام پنهنجي ووٽن سان چونڊي اسان کي پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي، اهو اسان جي فرضن ۾ شامل آهي ته عوام جي مفاد ۾ اهڙي قانونسازي ڪئي ??ڃي جنهن سان عوام کي فائدو پهچي، انهن ترميمن سان هر پاڪستاني جي زندگي ۾ بهتري ايندي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته آئ??ني ترميمن ۾ دير جو سبب صرف ۽ صرف مشاورتي عمل آهي جنهن جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي.هن چيو ته حڪومت پنهنجي اتحادين ۽ سياسي پارٽين سان ۽ مولانا فضل الرحمان مخالف ڌر پارٽين سان مشاورت ڪري رهيو آهي، اسان جي به انهن سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته اڄ جمهوريت جو ڏينهن آهي ۽ هي جمهوري حسن آهي ته سموريون سياسي پارٽيون ان ڏينهن اهم آئ??ني ترميمن لاءِ مشاورتي عمل ۾ شريڪ ٿين. وفاقي وزير چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم موڙ آهي، چارٽر آف ڊيمو??ري??ي اندر واعدو ڪيو ويو هو ته انصاف جي فراهمي کي آسان بڻايو ويندو، ملڪ ۾ انصاف جو نظام بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ??ڃي ۽ هڪ هڪ شق ۽ هڪ هڪ نقطي تي مشاورت ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته پهرين به چيو هو ته ڪنهن خاص شخصيت لاءِ اهي ترميمون نه پيون ڪيون وڃن پر انهن ترميمن سان هر پاڪستاني جي زندگي ۾ بهتري ايندي، پارليامينٽ هن ملڪ جو سپريم ادارو آهي ۽ان کي آئ??ن ۽ قانون ۾ ترميم جو حق حاصل آهي. عوام پنهنجي ووٽن سان چونڊي اسان کي پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي ان لاءِ اها ڳالهه اسان جي فرضن ۾ شامل آهي ته عوام جي مفاد ۾ اهڙي قانونسازي ڪئي ??ڃي جنهن سان عوام کي فائدو پهچي. عطا تارڙ چيو ته آئ??ني ترميمن جي حوالي سان مثبت ۽ مڪمل مشاورت مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان جي ڪوشش آهي ته اڄ ئي ان تي اڳڀرائي ٿي وڃي. ميڊيا کي ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويندو. هن وقت تائين ٿيل دير جو سبب صرف ۽ صرف مشاورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سڌ سماءَ وا??ي وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ٿي آهي. پيپلزپارٽي جي وفد سان به ساڻس ملاقات ڪئي آهي، انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سٺو قدم کنيو ويو آهي ته ان جي حق ۾ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته آئ??ني ترميمون پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ آهن، آئ??ني ترميمون سنجيده معاملو آهي، ان ۾ دير ٿي سگهي ٿي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئ??ني ترميمن تي سير حاصل گفتگو ٿي ??ڃي ته سٺي ڳالهه آهي، مشاورت جي نتيجي ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿي ??ڃي ته ان ۾ بهتري آهي. هن چيو ته ڪوشش آهي ته عوام تائين ترميمن جي حوالي سان سٺي خبر وڃي. اسان سمجهون ٿا ته اهي ترميمون جڏهن سامهون اچن ته سڀني کي خوشي ٿئي، قانوني ماهر بهترين راءِ کان آگاهه ڪن ٿا. هن چيو ته اڄ جمهوريت جو ڏينهن آهي، اهو جمهوريت جو حسن آهي ته سموريون سياسي پارٽيون ان مشاورت جو حصو آهن. دير جي حوالي سان ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته وسيع تر سياسي مشاورت مڪمل ٿيڻ تائين آئ??ني ترميمن تي اڳتي وڌڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي، حڪومتي پارٽين وچ ۾ مشاورت جو سلسلو جاري آهي.مولانا فضل الرحمان مخالف ڌر پارٽين سان مشاورت جاري رکي آهي، مولانا فضل الرحمان انهي آئ??ني ترميمن تي مشاورت ڪري رهيو آهي، مشاورت ۾ سمورين پارٽين جا قانوني ماهر موجود آهن.