اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ وزارت جي سينئر مئنيجمينٽ ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز ۽ مختلف شعبن جي سربراهن شرڪ?? ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير، وزارت ۾ جاري منصوبن ۽ شعبن جي ڪا??ڪر??گي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته رٿابندي واري وزارت جي ڪا??ڪر??گي کي سڌارن ج?? نتيجي ۾ مثالي بڻايو ويندو. هن چيو ته عملدار، شعبن جا سربراهه ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز پنهنجي شعبن ??اب?? واضح حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. هن چيو ته سي پيڪ سينٽر آف ايڪسيلينس کي تحقيق جو مرڪز بڻجڻو پوندو. سينٽر آف ايڪسيلينس سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي منصوبن لاءِ مستند تحقيق تي ٻڌل مواد فراهم ڪري حڪومت جي رهنمائي ڪري. هن چيو ته جائزي اجلاس ۾ باقاعدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، آفيسرن، شعبن ۽ جاري منصوبن جي ڪا??ڪر??گي جي حوالي سان سستي کي برداشت نه ڪيو ويندو. پنهنجي ڪا??ڪر??گي جو جائزو وٺي هدفن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو.