اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته اسان سڀني کي عالمي دنيا وچ ۾ امن، رواداري ۽ گڏيل بقا جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گهرجي، عالمي قانون ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي. اسان کي ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ امن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل ??ٿي ڪري سگهجي. دنيا ۾ ترجيح تڪرارن بدران انسانيت کي درپيش مسئلن جو حل هئڻ گهرجي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت ا??ن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي دنيا وچ ۾ ا??ن جي اصولن سان پنهنجي وابستگي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته هلندڙ سال ا??ن جي عالمي ڏينهن جو ??وضوع ”ا??ن جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ“ آهي. اسان سڀني کي سڄي دنيا وچ ۾ امن، رواداري ۽ ب??ا واري گڏيل ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گهرجي. اڄ دنيا جي مختلف علائقن ۾ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ سميت ٻيا تڪرار درپيش آهن. صدر مملڪت چيو ته تڪرار عالمي طور تي امن لاءِ خطرو آهن. اسرائيل فلسطين ۾ دهشتگردي جي بازار گرم رکي آهي.اسرائيل هزارين ماڻهن جي غزه ۾ قتل عام سان فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، صدر مملڪت چيو ته هندو پرست کان متاثر مودي حڪومت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ سنگين انساني حقن جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي، مودي حڪومت ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي ظلم ۽ ستم جو ??شانو بڻايو آهي. ڀارت مسلمانن کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم رکيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته عالمي قانون ۽ انساني حقن جون کُليل خلاف ورزيون دنيا ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن، اسان کي ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا کي تڪرارن کي ترجيح ڏيڻ بدران انسانيت کي درپيش مسئلن کي حل کي ڏيڻ گهرجي. غربت، بک، ناانصافي، ظلم، اڻبرابري ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. دنيا ۾ امن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل ??ٿي ڪري سگهجي. صدر مملڪت چيو ته اچو ته امن، رواداري ۽ انساني وقار جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ??رجاءُ ڪيون. اسان سڀ گڏجي هڪ پرامن مستقبل ۽ ب??تر دنيا جوڙي سگهون ٿا ۽ هڪ اهڙي دنيا قائم ڪري سگهون ٿا ته جتي اسان جا ايندڙ نسل امن ۽ هم آهنگي سان رهي سگهن.