اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار نجڪاري ڪميشن سان او جي ڊي سي ايل جي ش??ئرز جي منتقلي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اج??اس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اج??اس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، ايس اي سي پي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪميٽي او جي ڊي سي ايل جي ش??ئرز جي سوورين ويلٿ فنڊ ۾ منتقلي ۽ فند جي جلد آپريشنلائيزيشن جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سوورين ويلٿ ف??ڊ ايڪٽ 2023ع تحت تجويز ڪيل ايڊوائيزري ڪميٽي ايڪٽ تحت مق??د حاصل ڪرڻ جي لاءِ فنانس، معاشيات يا ٻين لاڳاپيل شعبن جي اهم ماهرن تي ٻڌل هوندي.