اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چي?? سيڪيورٽي، تعليم، زراعت، انساني وسيلن جي ترقي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪندي طئي ٿيل 13 مفاهمت جي يادداشتن ۽ دستياويزن جي مٽاسٽا ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چي??ي وزيراعظم لي چيانگ جي وچ ۾ وف??ن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ ايم او يوز، معاهدن ۽ دستياويزن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ٻئي وزيراعظم پنهنجي پنهنجي وف??ن سان گڏ ان موقعي تي موجود هئا. اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير احد خان چي??ا ۽ چي?? جي واپار واري وزير وانگ وينتائو سمارٽ ڪلاس رومز پراجيڪٽ جي حوالگي بابت مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا ڪئي. سي پيڪ گڏيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (جي سي سي) جي 13 هين اجلاس جي منٽس بابت مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وف??قي وزير احسن اقبال ۽ چي?? جي نيشنل ڊ??ول??مينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن جي وائيس چيئرمين ليو سوشو ڪئي. سي پيڪ تحت گوادر تي گڏيل ورڪنگ گروپ جي ستين اجلاس جي منٽس بابت مفاهمت جي يادداشت جي مٽاسٽا منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وف??قي وزير احسن اقبال ۽ چي?? جي نيشنل ڊ??ول??مينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن جي وائيس چيئرمين ليو سوشو ڪئي. سي پيڪ روزگار جي فروغ جي لاءِ تعاون جي مفاهمت جي يادداشت جي مٽاسٽا منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وف??قي وزير احسن اقبال ۽ چي?? جي نيشنل ڊ??ول??مينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن جي وائيس چيئرمين ليو سوشو ڪئي. اطلاعات ۽ مواصلات جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير احد خان چي??ا ۽ چي?? جي انٽرنيشنل ڊ??ول??مينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئي. پاڻي جي ٺڪاڻن جو تحفظ، فلڊ ڪنٽرول ۽ آفتن ۾ گهٽتائي بابت گڏيل تعاون جي ٺاهه جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير احد خان چي??ا ۽ چي?? جي انٽرنيشنل ڊ??ول??مينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئي. سلامتي جي شعبي ۾ تعاون جي مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير احد خان چي??ا ۽ چي?? جي انٽرنيشنل ڊ??ول??مينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئي. جي ڊي آءِ تحت انساني وسيلن جي ترقي تي ليٽر آف ايڪسچينج جي مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير احد خان چي??ا ۽ چي?? جي انٽرنيشنل ڊ??ول??مينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئي. اسلام آباد ۾ باهه وسائيندڙ گاڏين بابت سهڪاري پروگرام جي ليٽر آف ايڪسچينج جي مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير احد خان چي??ا ۽ چي?? جي انٽرنيشنل ڊ??ول??مينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئي. چي?? کي گڏهن جي بر??مد بابت قرنطينه گهرجن بابت پروٽوڪول جي دستاويز جي مٽاسٽا غذائي تحفظ واري وف??قي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان ۾ چي?? جي سفير جيانگ زيڊونگ ڪئي. گڏيل ليبارٽرين جي گڏيل معاونت بابت مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ساجد بلوچ ۽ پاڪستان ۾ چي?? جي سفير جيانگ زيڊونگ ڪئي. گڏيل ٽي وي پروگرامن جي تياري بابت مفاهمت جي يادداشت جي دستاويز جي مٽاسٽا اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پاڪستان ۾ چي?? جي سفير جيانگ زيڊونگ ڪئي. ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ پيپلز بئنڪ آف چائنا جي وچ ۾ ڪرنسي جي مٽاسٽا جي معاهدي جو پڻ اعلان ڪيو ويو.