اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ ??ضا??ي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ٻطرفي واپار ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيل?? اضافو ڪري سگهجي ٿو، ڪرغزستان سان سمورن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آه??ون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ سان ملاقات دوران ڪئي جنهن صدر سان ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ ??ضا??ي جي ضرورت آه??، ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ معياري مصنوعات ۽ گهڻن رُخن شعبن وسيل?? اضافو ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته ڪرغزستان ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪرغزستان سان سمورن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آه??ون. صدر آصف علي زرداري چيو ته سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ تي پاڪستان جي ڪامياب چونڊ ۾ ڪرغزستان جي حمايت تي ٿورائتا آه??ون. ملاقات ۾ ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ پڻ ڳالهائيندي چيو ته دوست ملڪن سان واپار جو فروغ ڪرغزستان جي ترجيح ??هي، ڪرغزستان معيشت، ڪاروبار ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آه??. زاپاروف اڪيل بيڪ چيو ته ڪرغزستان جي معاشي ترقي جي ڪري تعميراتي ۽ ٽيڪسٽائيل شعبي ۾ افرادي قوت جي لاءِ وڏا موقعا آه??. هن چيو ته ڪرغز شهرين جي لاءِ پاڪستاني ويزا جاري ڪرڻ جو عمل آسان بڻائڻ تي ٿورا مڃُون ٿا.