اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جا نمائندا اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي مهمان?? جي آجيان لاءِ رنگ برنگي بتين، گلن ۽ ايس سي او ملڪ?? جي جهنڊن ۽ بينرن شهر جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون اسلام آباد جي مرڪزي چؤڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي اهم هنڌن کي رنگ برنگي بتين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چي?? جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيراعظم لي چيانگ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سومر ڏينهن گاديءَ واري هنڌ پهتو هو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ٻي اعليٰ ترين فورم ايس سي او سي ايڇ جي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل جي موجوده چيئرمي?? جي حيثيت سان ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪ?? جي سربراهن ۾ چين جو وزيراعظم ۽ اسٽيٽ ڪائونسل لي چيانگ، بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولوو چينڪو، قزخستان جو وزيراعظم اولز هاس بيڪتا نوف، روس جو وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده، از??ڪس??ان جو وزيراعظم عبدالله عاريفوف، ڪرغزستا?? جي وزير?? جي ڪابينه جي چيئرمين ظفروف عقيل بيڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير سبرامنيم جئه شنڪر شامل آهن. ان ک??ن علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور تي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنه?? جي نمائندگي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسرايي ڪري رهيا آهن. ترڪمانستا?? جي مهمان طور خاص نمائندگي ترڪمن وزير?? جي ڪابينه جي نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻين اهم شخصيتن ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪم??ٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزايوف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جو چيئرمين عاف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بئنڪ يونين جو چيئرمين مارات يلي بائوف شامل آهن. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪ?? جي حڪومتي نمائند?? جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي رابط?? جي شعبن ۾ جاري تعاون تي خيال?? جي ڏي وٺ ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا اڳواڻ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوريءَ لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندا.