اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته روسي اعليٰ قيادت جي تازن دورن سبب پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ وڌيڪ م??بو??ي ۽ استحڪام خوش آئنده آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي وسيع صلاحيت موجود آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي هدفن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڏينهن وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽنيا ميتويانڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ وزير??عظ?? سان ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? روسي وفد جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جي م??بو??ي طرف اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته روسي اعليٰ قيادت جي تازن دورن سبب پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ وڌيڪ م??بو??ي ۽ استحڪام خوش آئنده آهي. هن چيو ته روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي وسيع صلاحيت موجود آهي، جنهن مان فائدو کڻي ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي هدفن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. وزير??عظ?? چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ ٿيندڙ پاڪستان ۽ روس گڏيل ڪميشن جو اجلاس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جو اهم موقعو ثابت ٿيندو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ بئنڪنگ چئلينجن جي م??بو??ي ۽ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي هڪ جامع روڊ ميپ جي جوڙجڪ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزير??عظ?? هلندڙ سال جي شروع ۾ مواصلات واري وفاقي وزير جي قيادت ۾ 7 ر??ني پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جي وفد جي روس جي دور ۽ پاڪستان روس ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت کي گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو. هن روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي لاءِ نيڪ خواهشن سان گڏوگڏ ان کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو.