اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته سربراهي اج??اس کان اڳ 10 نومبر تي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اج??اس ٿيندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اج??اس ۾ شرڪت ڪندو. ترج??ان چيو ته سربراهي اج??اس طلب ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي سعودي عرب جي حڪومت ڪئي آهي جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اها غزه ۽ ٻين والاريل علائقن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ رياض ۾ 11 نومبر 2023ع تي ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي ڪانفرنس جو فالو اپ هوندو. ملڪي سربراهن ۽ حڪومتن ۽ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ عملدارن جي سربراهي اج??اس ۾ شرڪت متوقع آهي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان چيو ته وزيراعظم سربراهي اج??اس ۾ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندو، هو غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي فوري خاتمي، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ خطي ۾ جاري اسرائيلي مهم جوئي کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندو جيڪو وچ اوڀر جي ملڪن جي سلامتي کي خطري ۾ و??هي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل ف??سطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هُجي، تي پڻ زور ڏيندو. ترج??ان چيو ته سربراهي اج??اس جي موقعي تي وزيراعظم جي عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.