اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته اچو ته اڄوڪي ڏينهن اسان علامه اقبال جي ويزن تي عمل ڪرڻ، انصاف، برابري ۽ اعليٰ ظرفي جي نظرين تي ٻڌل قوم جي تعمير جو وچن ڪريون. اڄ اسان بصيرت افروز شاعر ۽ فلسفي ڊاڪٽر علامه م??مد اقبال جي يوم پيدائش جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڪالهه ڇ??ڇر ڏينهن علامه اقبال جي يوم پيدائش جي موقعي تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته سندس فڪر ۽ لکڻين اسان جي قوم جي طرز عمل تي گهرا اثر ڇڏيا آهن ۽ اهي اسان لاءِ روشن راهه جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جيڪي اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ اڻٿڪ محنت تي زور ڀرين ٿيون. وزيراعظم چيو ته علامه م??مد اقبال جي شاعري پنهنجي وقت جي عڪاسي ئي نٿي ڪري پر عمل ۽ خودشناسي جي لازوال دعوت پڻ آهي. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو اعتدال پسندي سان بلند ٿي پختي ايمان ۽ محنت ذريعي عظمت حاصل ڪن. وزيراعظم م??مد شهباز شريف پنهنجي پوسٽ ۾ علامه م??مد اقبال جو شعر به پوسٽ ڪيو ته ”تنما آبرو ڪي هو اگر گلزار هستي ۾، تو ڪانٽون ۾ ال??هه ڪر زندگي ڪرني ڪي خو ڪرلي، نهين يه شان خودداري هين، چمن سي توڙ ڪر ت??هه ڪو، ڪوئي دستار ۾ رک لي، ڪوئي زيب گلو ڪرلي“. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته اسان علامه اقبال جو يوم پيدائش ملهائي رهيا آهيون، اچو اسان اڄوڪي ڏينهن پنهنجي زندگي ۾ علامه اقبال جي ويزن تي عمل ڪرڻ ۽ هڪ اهڙي قوم جي تعمير جو وچن ڪريون جيڪا علامه م??مد اقبال جي انصاف، برابري ۽ اعليٰ ظرفي جي نظرين جي عڪاسي ڪري.