اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان جمهوريه ??رڪيه ??ي سفير عرفان نذير اوگلو ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي روشن وڌي وئي ۽ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ بچ??ءَ جي شعبن ۾ وڌندڙ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ٿئي. سينيٽر محمد اورنگزيب، عرفان نذير اوگلو کي سندس سفارتي ذميدارين تي ڀليڪار چيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن واشنگٽن ڊي سي ۾ هاڻوڪي ورلڊ بئنڪ گروپ/آءِ ايم ايف جي سالياني ميٽنگ 2024ع دوران ترڪيه ??ي ناڻي واري وزير مهمت شمشيڪ سان ٿيل پنهنجي ملاقات جو به ذڪر ڪي?? جنهن ۾ پاور سيڪٽر جي سڌارن جي حوالي سان ترڪيه ??ي تجربن مان فائدو کڻڻ جا امڪان بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير ترڪيه ??ي ڪمپنين کي پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن جي اڇ ڪئي جنهن سان بنهي ملڪن کي گڏيل فائدا حاصل ٿيندا. ترڪ سفير پاڪستان جي معاشي سڌارن کي ساراهيو ۽ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خ??طر?? ڪرائي.