اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) قائداعظم ي??نيورسٽي جي ڊفينس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز شعبي جي شاگردن جي هڪ وفد قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. وفد کي اداري جي آپريشنل معاملن بابت بريفنگ ڏ??ي وئي. شاگردن جي دوري جو مقصد اي پي پي ۾ خبرن جي تياري، متن، فوٽو ۽ وڊيوز سيڪشن ??مي?? مختلف پليٽ فارمز بابت معلومات حاصل ڪرڻ هو. ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي قائداعظم ي??نيورسٽي جي شاگردن کي قومي مفادن جي فروغ ۾ اي پي پي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن اسٽريٽجڪ ميڊيا اداري جي طور تي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ قومي بيانيي جي فروغ ۾ اي پي پي جي ڪردار تي روش??ي وڌي. هن چيو ته جعلي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ کانسواءِ اي پي پي سنسني خيزي جي مشق ۾ ملوث ٿيڻ کانسواءِ مستنند ۽ معتبر مواد ڦهلائڻ تي ڌيان ڏنو. هن شاگردن کي ماڊرن نيوز فائلنگ سسٽم جي ذريعي مختلف شعبن جو احاطو ڪندڙ پيشيور صحافين جي ٽيم جي ذريعي اي پي پي جي قومي ۽ عالمي پهچ کان آگاهه ڪيو. اي پي پي جي ايم ڊي قومي سلامتي جي ڏس ۾ ميڊ??ا سان لاڳاپيل معاملن ۽ مختلف سياسي منظرنامن جي ڪوريج ۾ اي پي پي پاران توازن کي برقرار رکڻ بابت شاگردن جي سوالن جا جواب ڏنا. قائداعظم ي??نيورسٽي جي وزٽنگ فيڪلٽي ميمبر شازيه محبوب جي قيا??ت ۾ شاگردن اي پي پي جي مختلف سيڪشنز، سينٽرل نيوز ڊيسڪ، انگلش رپورٽنگ، فارن اينڊ اڪنامڪ ڊيسڪ، اردو نيوز سروس، وڊيو نيوز سروس، اسٽوڊيوز ۽ ڊيٽا سينٽر جو دورو ڪيو. بعد ۾ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي قائداعظم ي??نيورسٽي جي شاگردن جي وفد جي قيادت ڪندڙ فيڪلٽي ميمبر شازيه محبوب کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ، ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب، ڊائريڪٽر وڊيو نيوز رب نواز باجوه، ڊائريڪٽر ڪرائيم رشيد ملڪ، ڊائريڪٽر آءِ ٽي عدنان بخاري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.