اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته نواز ش??يف ادارن جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر غلط ڳالهيون ڪيون، پي ڊي ايم سرحدن جي محافظ ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پي ڊي ايم بيانيي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، نواز ش??يف کي بدعنواني تي عدالتن ڏوهاري قرار ڏنو آهي، ڦريل دولت بچائڻ جي لاءِ ڪنهن کي جمهوريت جي آڙ وٺڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم جي پاڻ کي رڳو احتساب کان بچائڻ جي هڪ نقاطي ايجنڊا آهي، عمران خان جي سياست جو مقصد ڪرپٽ عنصرن کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ آهي، پيپلزپارٽي قيادت جي ناقص پاليسين ان کي علائقائي پارٽي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ ا??صاف جي حڪومت ملڪ کي معاشي خوشحالي طرف وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم عمران خان پوري قوم جي ترجماني ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.