اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گلگت بلتستان جي عدالتن ۾ سينيئر سول ججز ۽ ا??ڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججز کي پيڪا 2016 قا??ون جي شق 44 تحت پرزائيڊنگ آفيسرز جا اختيار ڏيڻ، ڄمون ۽ ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي بجيٽ ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن (ري آرگنائيزيشن) ايڪٽ 1996ع تحت ٽيلي ڪام اپيليٽ ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم سدائين وانگر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن. اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا چونڊ سڌارن تي تفصيلي غور ڪيو. وزيراعظم سدائين وانگر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن.