اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪٽورل ريفارمز وقت جي اهم ضرورت آهي، اهڙيون چونڊون م??عقد ڪرائڻ چاهيون ٿا جن تي ڪير آڱر نه کڻي سگهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ شفاف ۽ غيرجانبداراڻي چونڊون م??عقد ڪرڻ جي ضامن هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي، لاهور هاءِ ڪو??ٽ بار راولپنڊي بئ??چ، پنجاب بار ڪائونسل ۽ هاءِ ڪو??ٽ بار ملتان بئ??چ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.