اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ملڪ جو مستقبل شاگردن ۽ يونيورسٽين جي هٿ ۾ آه??، شاگرد ۽ يونيورسٽيون ملڪ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا، آمريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي ٽي ٽريلين ڊالر جي اڪانومي کڙي ڪئي، يونيورسٽين جا وائيس چ??نس??رز ملڪي ترقي لاءِ هدف مقرر ڪن، پاڪستان زرعي برآمدات جو هڪ وڏو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، ماڊرن ايگريڪلچر جي اندر وسيع موقعا آه??، شاگرد پنهنجون ڪمپنيون جوڙي آبادگارن کي لائيو اسٽاڪ سميت سمارٽ فارمنگ ۾ مدد فراهم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پير مهر علي شاهه باراني يونيورسٽي ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جو مستقبل شاگردن ۽ يونيورسٽين جي هٿ ۾ آه??، شاگرد ۽ يونيورسٽيون ملڪ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا. هن چيو ته نوجوان آءِ ٽي ۾ انقلاب برپا ڪيو، واٽس ايپ ، ياهو، فيس بڪ ۽ ايمازون جا باني به نوجوان هئا، آمريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي ٽي بلين ڊالر جي اڪانومي کڙي ڪئي، وفاقي وزير چيو ته يونيورسٽين جا وائيس چ??نس??رز ملڪي ترقي ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجا هدف مقرر ڪن. هن چيو ته قيام پاڪستان جي وقت صرف هڪ يونيورسٽي هئي، هاڻي 200 يونيورسٽيون موجود آه??، ملتان، فيصل آباد، ٽنڊو آدم، لسبيله سميت راولپنڊي ۾ قائم زرعي يونيورسٽيون شاندار ڪم ڪري رهيون آه??، هن چيو ته يونيورسٽيون ۽ نجي ڪاروباري ادارن ۾ رابطو هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وزير چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آه?? ته وڏي تعداد ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون زرعي يونيورسٽين ۾ موجود آه??، هن چيو ته شاگردن کي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ حصو وٺڻو آه??. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان زرعي روانگي واپار جو هڪ وڏو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، جديد زراعت ۾ وڏا موقعا آه??، شاگردن کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي، ان مقصد لاءِ شاگرد پنهنجون ڪمپنيون جوڙين جيڪي آبادگارن کي لائيو اسٽاڪ سميت سمارٽ فارمنگ ۾ مدد فراهم ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪووڊ جو پهريون ڪيس جڏهن سامهون آيو ته ان وقت اسان ??ووڊ بابت ڪا به شيءَ تيار نه ڪري رهيا هئاسين، ماسڪ، وينٽي ليٽرز ۽ ڪووڊ جي حفاظتي ڪٽس درآمد ڪيون پئي ويون، اسان وٽ تي سيني ٽائرز جي کوٽ ٿي جيتوڻيڪ اسان ايٿانول برآمد ڪندا هئاسين ان لاءِ اسان ??ريپ جي ايٿانول تي پابندي ختم ڪرائي ۽ صرف ست مهينن جي مختصر عرصي ۾ پاڪستان ??ووڊ بابت سامان مقامي سطح تي تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسلام آباد کي دنيا ۾ منفرد مقام حاصل آه??، دنيا جي 63 سيڪڙو آبادي اسلام آباد مان صرف ٽن ڪلاڪ جي مسافري تي آه??، هن شاگردن کي مشورو ڏنو ته هو يونيورسٽي جي نصاب سان ??ڏوگڏ دنيا ۾ ٿيندڙ جديد ريسرچ جو به مطالعو ڪن.