اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ترڪي ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ميڊيا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪيو ويندو، ميڊيا حصيداري جي لاءِ فوڪل ??رس??ز ٺاهيا ويا آهن، جوائنٽ ميڊيا نيٽ ورڪ جوڙينداسين، او آءِ سي پليٽ فارم تحت اسڪالرز جو اهڙو يونٽ جوڙيو وڃي جيڪو مذهبي مسئلن ۾ رهنمائي ڪر?? سگهي. صحافين سان ڳالهائيندي اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي او آءِ سي اجلاس جي موقعي تي مختلف نمائندن سان ملاقاتون ٿيون، افغانستان جي صورتحال بنيادي موضوع رهي، وزيراعظم رحمت للعالمين اٿارٽي جو پڻ خاص طور تي ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ترڪيءَ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ميڊيا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪيو ويندو، ميڊيا حصيداري جي لاءِ فوڪل ??رس??ز ٺاهيا ويا آهن، جوائنٽ ميڊيا نيٽ ورڪ جوڙينداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ شدت پسندي جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، او آءِ سي پليٽ فارم تحت اسڪالرز جو اهڙو يونٽ جوڙيو وڃي جيڪو مذهبي مسئلن ۾ رهنمائي ڪر?? سگهي. هن چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي جي ذريعي سمورن اسڪالرز کي ??ڪ جڳهه تي گڏ ڪيو ويندو. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته او آءِ سي تحت اهڙو فورم جوڙڻ جي ڪوشش ڪر?? رهيا آهيون جيڪو مذهبي بحث ۾ ايندڙ مسئلن کي حل ڪر?? سگهي. هن چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي جي دائري کي سگهه ڏني ويندي، او آءِ سي تحت اهڙو ئي يونٽ جوڙيو ويندو.