اسلام آباد – 10 جنوري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب حافظ فرحت عباس کي ??نجاب ۾ نئين ذميواري ملڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته حافظ فرحت عباس کي ??نجاب ۾ نئين ذميواري ملڻ تي مبارڪ هجي، حافظ فرحت آءِ ايس ايف جو باني ميمبر ۽ پا??ٽي جو پراڻو ڪارڪن آهي. مملڪتي وزير چيو ته اميد آهي حافظ فرحت پوري دل ۽ محنت سان پنهنجي ذميواري سرانجام ڏيندو. واضح رهي حافظ فرحت کي ??نجاب جي وڏي وزير جي سياسي معاملن واري خاص معاون جي ذميواري ڏني وئي آهي.