اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي سان ازبڪستان جي ??در شوڪت مرزايوف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي وسيع معاملن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. صدر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ??فتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، دفاعي، سيڪيورٽي، رابطن، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ??واهش کي ورجايو. هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي فريم ورڪ جي ??ندر وچ ايشيا سان رابطا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي وضاحت ڪئي. صد?? عارف علوي پاڪستان جي ??ندرگاهن جي ??ريعي ازبڪستان ۽ ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان علائقائي انضمام ۽ رابطي جي ??مڪانن کي اجاگر ??يو. هن چيو ته ٽرانس افغان ريلوي اهڙو ئي هڪ منصوبو هوندو جنهن سان زميني رابطو مضبوط ٿيندو. هن سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي ??ابطن جي لاءِ هوائي رابطي جي ??هميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي صدرن نوجوانن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ??يو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام زميني رابطن جا فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي ??هي. هن چيو ته پرامن افغانستان خطي ۽ ان کان ٻاهر جي ??قتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪندو. صد?? عارف علوي پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي ??يندڙ قدمن تي گڏيل پڌرنامي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن/ معاهدن کي ساراهيو. هن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي تي صحيحن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جون نيون راهون کلنديون. ٻنهي اڳواڻن تعليم، ثقافت، سلامتي ۽ دفاع ۾ تعاون تي اڳڀرائي ۽ هر سطح تي اقتصادي ترقي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي ??زم کي ورجايو. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي ??هم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. ان موقعي تي ازبڪ صدر کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ورتحال کان پڻ آگاهه ??يو.