اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي ڪالهه آچر ڏينهن پرڏ??هي وزارت جي س??ني??ر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. پرڏ??هي سيڪريٽري سهيل محمود، اسپيشل پرڏ??هي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏ??هي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا س??ني??ر آفيسر پرڏ??هي وزير سان گڏ هئا. پرڏ??هي وزارت جي س??ني??ر عملدارن پرڏ??هي وزير کي پارليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏ??هي وزير مرڪزي ڪ??نف??نس هال، وفدن جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪائونٽرز، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز جو مشاهدو ڪيو ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏ??هي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس کانپوءِ، او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهان ٿو. هن چيو ته اڄ صبح مصر جو پرڏ??هي وزير اچي ويو آهي، منهنجي ساڻس ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي چڪي آهي، سڀاڻي اڪثر پرڏ??هي وزير اچي ويندا. هن چيو ته هن اجلاس ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بشمول فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال پڻ بحث هيٺ ايندي، پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي، او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌيڪ مستحڪم ڏسڻ چاهي ٿو، آئون پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف اسان جي ڪوششن جو ثمر ملي رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، هاڻي انشاءَ الله 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايت تي او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهمان پرڏ??هي وزيرن ۽ ٻين وفدن جي سهولت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.