اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف جي هدايت تي پي ايم اسٽريٽجڪ ريفارمز عورت مسافرن جي حفاظت لاءِ ريلوي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز ڪيون آهن. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب بهاو الدين ??ڪريا ايڪسپريس ۾ سفر دوران عورت سان زيادتي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي وز??را??ظم شهباز شريف جي هدايتن تي سلمان صوفي جي سربراهي ۾ پي ايم اسٽريٽجڪ ريفارمز عورت مسافرن جي حفاظت لاءِ ريلوي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز ڪيون آهن. اسٽريٽجڪ ريفارمز تحت ا??و تجويز ڪيو ويو آهي ته ليڊي ريلوي پوليس فورس جي اهلڪارن جون ٽيمون ٽرين ??سٽيشنن تي مقرر ڪيون وينديون، ان کانسواءِ عورت مسافرن جي رهنمائي ۽ سيڪيورٽي لاءِ ”سفر سهيلي“ موبائيل ايپ لانچ ڪئي ويندي جڏهن ??ه پرنٽ ٿيل ٽڪيٽن تي ايپ ڊائونڊ لوڊ ڪرڻ جون هدايتون هونديون ۽ گڏ ئي ٽڪيٽن تي ايمرجنسي نمبر به پرنٽ ڪيو ويندو. ڊگهي سفر لاءِ ريلوي اسٽيشنن تي ايل آر پي ايف جي عملي (هڪ عورت سب انسپيڪٽر ۽ 2 عورت ڪانسٽيبل) جون ٽيمون جوڙيون وينديون ۽ ٽرينن ۾ مسافرن جي تعداد ??وجب ٽيمن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ ٽرينن ۾ ايمرجنسي SOS بٽن نصب ڪيا ويندا، وڌيڪ پاڪستان جي سمورين ??يلوي اسٽيشنن تي پوسٽرز، پمفلٽ، هينڊ بلز ۽ اعلانن جي ذريعي عورتن جي حفاظت لاءِ باقاعده آگاهي پروگرام فوري طور تي منعقد ڪيا وڃن، ان کي اليڪٽرانڪ طور تي به نشر ڪيو وڃي. ان کانسواءِ وڊيو سرويلنس سسٽم (VSS) لڳائڻ سمورين ??يلوي اسٽيشنن تي حساس ماڳن تي لڳايو ويندو، سي سي ٽي وي ڪئم??را??ون هر بوگي ۾ (ڪوريڊوز ) ۾ لڳايون يونديون ان کانسواءِ فيس ريڪگنشن ڪئميرا ايپ تيار ڪئي ويندي جيڪا چهري جي سڃاڻپ جي ذريعي جوابدارن ۽ ان جي اڳوڻي رڪارڊ کي ٽريس ڪري سگهي ٿي. ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته آئوٽ سورس ٽرينن جو ٺيڪو ڏيڻ کان پهرين، مقرر سڀني نجي ملازمن جي ڪردار بابت ايجنسين – خصوصي شاخ کان ڪليئرنس حاصل ڪئي وڃي، وڌيڪ پرائيويٽ ڪمپنين کي پهرين کان ڏنل معاهدن جو جائزو ورتو ويندو ۽ مقرر سڀني نجي ملازمن جي ڪردار جي جاچ بابت ايجنسين/ خصوصي يونٽس جي ذريعي ڪئي ويندي، گڏ ئي سڀني ٽرينن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا.