اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس 13 -17 جون تائين ب??لن ۾ ٿيندڙ پن??نجي اجلاسن ۾ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پ??ان?? تي پاڪستان جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي ٻنهي ايڪشن پ??ان?? (2018ع ۽ 2021ع) جي تڪميل کي تسليم ڪيو آهي ۽ هڪ آن سائٽ دوري جي جازت ڏن?? آهي، ايف اي ٽي ايف جي ميمبرن پاڪستان جي اڳڀرائي تي بحث ۾ حصو وٺندي پاڪستان جي 34 آئٽمز تي مشتمل ٻئي ايڪشن پلان مڪمل ڪرڻ ۽ خاص طور تي رڪارڊ مدي ۾ 2021ع جي ايڪشن پلان جي جلد تڪميل تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان ڪووڊ 19 جي وبا سميت ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود ان ايڪشن پ??ان?? جي ڪامياب تڪميل لاءِ پن??نجُون اڻ??ڪ ڪوششون جاري رکيُون. بيان موجب پاڪستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن پ??ان?? جي لاڳو دوران سي ايف ٽي/اي ايم ايل ڊومين ۾ تمام گهڻو معاملن جو احاطو ڪيو آهي، ايف اي ٽي ايف سان رابطا پاڪستان ۾ هڪ مضبوط سي ايف ٽي/ اي ايم ايل فريم ورڪ جي ترقي جو باعث بڻيا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي نظام ۾ بهتري آئ?? آهي، پاڪستاني وفد ب??لن ۾ ايف اي ٽي ايف جي مڪمل اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، وفد جي قيادت پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير/ايف اي ٽي ايف بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي چيئرپرسن حنا رباني کر ڪئي.