اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقبول احمد گوندل ??ي بطور ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس مقرري جي منظور?? ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ??ار?? بيان موجب صدر اها منظوري ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس آرڊيننس جي سيڪشن 4 تحت ڏني آهي. مقبول احمد گوندل پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس جي گريڊ 22 جو آفيسر آهي. اها پوسٽ فرخ احمد حميدي جي رٽائرمينٽ کانپوءِ خالي ٿي هئي.