اسلام آباد – 04 – آگسٽ (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته “فارن ا??جنٽ” جي ” فارن ا??ڊڊ” پارٽي جو هيلي ڪاپٽر ملڪ ۾ فتنو، فساد ۽ انتشار پکيڙڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي ته جئين پاڪستان جي معيشت جيڪا ان تباھ ڪئي، ٺيڪ نه ٿئي، جيڪا مهنگائي هُن ڪئي اها به گهٽ نه ٿئي ۽ نوجوانن جو روزگار جيڪو هُن کسيو اهو انهن کي نه ملي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ” فارن ا??جنٽ” جي ” فارن ا??ڊڊ” پارٽي جي هيلي ڪاپٽر جي استعمال جا ڪجهه منظر شيئر ڪيا. پنهنجي پوئيٽ ۾ هُن چيو ته ان فارن ا??جنٽ جو فارن فنڊڊ هيلي ڪاپٽر ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي ڏک لاءِ استعمال نٿو ٿي سگهي، خيبر پختونخواہ، بلوچستان، سنڌ نٿو وڃي سگهي ڇاڪاڻ جو جٿي ماڻهو فوت ٿي ??ڃن اتي بشره بي بي وڃڻ ناهي ڏيندي ۽ نه وري فارن فنڊ ۽ ايجنڊا اجازت ڏيندي آهي.