اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي ??ي) وزيراعظم شهباز شريف سکر روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سنڌ جي صوبي سکر، رو??ڙي?? خيرپور، ڪوٽڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪندو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائندا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏي??دا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو احوال ڄ??ڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. بعد ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر سکر بئراج ٻوڏ جي تباهي بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏي??دا.