اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي صارفين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪندي 200 يونٽن وارن صارفين جي ب??ن ک?? 24 ڪلاڪن اندر گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??. اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ بجلي جي صارفين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران بجلي صارفين جي لاءِ ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي. هڪ ڪروڙ 66 لک صارفين ک?? فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏنل ريليف تحت بلن جي تصحيح جاري آه??. وزيراعظم ريليف جي قدمن ک??تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدا??تو?? جاري ڪيون. وزيراعظم بجلي صارفين جون شڪا??تو?? ختم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 200 يونٽن تائين وارن بجلي صارفين جي ب??ن ۾ اعلان ڪيل ريليف کي 24 ڪلاڪن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ صارفين جي ب??ن ک?? گهٽ ڪيو وڃي. بجلي جي ب??ن جي تصحيح جي لاءِ ڊسڪوز جو عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. بلن جي تصحيح لاءِ عملي جون موڪلون ختم ڪري ان ڪم کي فوري اڪلائي مون ک?? رپورٽ پيش ڪئي وڃي. بل جمع ڪرائڻ جي لاءِ بئنڪن ک?? اڳئين ڏينهن به کليل رهڻ جي هدايت ڪئي وڃي.