اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حادثن ۽ قدرتي آفتن جي متاثري?? کي شروعاتي طبي ام??اد فراهم ڪرڻ جي قابل تربيت يافته انساني وسيلن جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صحت سان لاڳاپيل ادارا ۽ لاڳاپيل ڌريون بوائي اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز کي ايمرجنسي خدمتن جي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪن، ٺوس تربيت جي فراهمي کانپوءِ بوائي اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز جي مدد سان سڄي ملڪ جي متاثري?? کي وقت سر شروعاتي طبي ام??اد فراهم ڪري سگهجي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته نفسياتي صحت جي سارسنڀال جي موجوده سهولت?? کي هنگامي بنيادن تي مضبوط ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۾ دماغي مرضن جي شرح 24 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان شعبي ۾ رڳو 2 هزار ماهر آهن، بدقسمتي سان نفسياتي بيمارين ۾ ورتل ماڻهو تشدد ۽ نامناسب روين جو شڪار ٿ??ن ٿا، نفسياتي مريض انتهائي صورتن ۾ خودڪشي ڪري ڇڏ??ن ٿا يا پنهنجي پيار?? کي زخمي به ڪري ڇڏ??ن ٿا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ خودڪشي جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، علائقي جي ماڻه?? کي درپيش ذهني صحت جي مسئل?? کي منهن ڏيڻ، سنگين رويي جي اصل سبب جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ هڪ موثر نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ملڪ ۾ اٽڪل 7 لک نرسن جي کوٽ آهي، نرسن جي کوٽ سان سرڪاري ۽ نجي صحت جو شعبو دٻاءُ جو شڪار آهي، پاڪستا?? کي نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي تياري جي لاءِ ٻه سالا اعليٰ معيار جي تربيتي ڪورسز جي شروعات ڪرڻ گهرجي. صدر پاڪستان ۾ نفسياتي صحت جي سارسنڀال جو بنيادي ڍانچو قائم ڪرڻ جي ضرور?? تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته انتهائي اهم قومي مسئلي جي حل لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ٽن مهينن ۾ ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پرائيويٽ هيلٿ ڪيئر ادارا به نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي تربيت جي لاءِ سهولتون پيدا ڪن، هيلٿ سروسز اڪيڊمي پنهنجي کات?? کي شفاف، تصديق جوڳو ۽ اعتبار جوڳو رکڻ جي لاءِ هڪ خصوصي نظام ٺاهي، شفاف کاتن جي نظام سان ڊونرز کان ام??اد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته نفسياتي صحت بابت مشاورت جي خواهشمند ماڻهن جي لاءِ مصنوعي ذهان?? تي ٻڌل موبائيل ايپ ۽ ويب تي ٻڌل هيلپ لائين شروع ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مارڪيٽ ??ي طلب پوري ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽين/ ادار?? کي مختلف شعبن ۾ ٻن سالن جا ايسوسيئيٽ ڊگري ڪورسز پڻ پيش ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافي، نوجوانن جي تعليمي نظام ۾ بهتر شموليت جي لاءِ يونيورسٽيون آن لائين ۽ هائبرڊ ذريعي تعليم جي مدد سان ڪورسز ڪرائين.