اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? شهباز شريف گڏيل ??رب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. شيخ محمد بن زيد هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان ک?? هر ممڪن امداد جي آڇ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? شهباز شريف گڏيل ??رب امارات جي صدر کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن سان اٽڪل 32 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1162 جي لڳ ڀڳ فوت ۽ 3554 زخمي ٿيا آهن. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل ??رب امارات پاران فراهم ڪئي ويندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وقت سر امداد ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ امارات هلال احمر ۽ خليفه بن زيد فائونڊيشن پاران پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين ک?? ساراهيو. شيخ محمد بن زيد قدرتي آفتن ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هن مشڪل وقت ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل ??رب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل، گڏيل ??عتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن، اهي گڏيل لاڳاپا دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي ٻڌل آهن.