اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپيشل ٽيڪنالا??ي زونز اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ اسپيشل ٽيڪنالا??ي زونز اٿار??ي کي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا هڪ هفتي جي اندر پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسپيشل ٽيڪنالا??ي زونز اٿارٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ موجوده وسيلن جو وڌيڪ زيان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، باصلاحيت پاڪستاني نوجوان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو روزگار ڪمائي ??هيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل اٿارٽي غيرفعال آهي. وزيراعظم اسپيشل ٽيڪنالا??ي زونز اٿارٽي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن جو سربراهه ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار هوندو، جڏهن ته انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير، قانون وارو وفاقي وزير، سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، سينيٽر افنان الله ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ??ه ڪميٽي هڪ هفتي جي اندر اسپيشل ٽيڪنالا??ي زونز اٿار??ي کي فعال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري. اٿارٽي جي بورڊ آف گو??نرز کي به فوري طور تي فعال ڪيو وڃي. بورڊ آف گو??نرز ۾ لاڳاپيل شعبي جي ماهرن جي موجودگي يقيني بڻائين. وزيراعظم اٿارٽي ۾ پلاٽن ۾ سيڙپڪاري بدران ان جي اصل مقصد يعني ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالا??ي زونز اٿارٽي جي سڌارن ۽ ان کي فعال ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۾ وڌيڪ ڪنهن به قسم جي دير قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ نوجوانن کي آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ هنر ڏيڻ جو بنياد رکيو. ڪورونا وائرس جي وبا دوران نوجوانن کي ڏنل ليپ ٽاپ سان لکين ماڻهن روزگار ڪمايو. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خصوصي مددگار جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اسپيشل ٽيڪنالا??ي زونز جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اٿارٽي ۾ هن وقت 400 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، جن مان 63 سيڪڙو پاڪستاني جڏهن ته باقي چين، آمريڪا، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکن ٿيون. اجلاس کي اٿارٽي بورڊ جي گو??ننس ۽ مسئلن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اٿار??ي کي فعال ۽ موثر طريقي سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي ترجيحي بنيادن تي لاڳو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.