اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پولي?? جي خاتمي جو عزم ظاهر ڪندي بل اي??ڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن سان سمورن جاري شعبن ۾ نتيجاخيز حصيداري کي مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بل اي??ڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي اي?? جي اي??) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم بي اي?? جي اي?? پاران ملڪ ۾ پولي?? جي خاتمي ۽ حفاظتي ٽيڪن، غذائيت ۽ مالياتي شموليت کي بهتر بڻائڻ ۾ خاص طور تي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ دوران پاڪستان کي ڏني ويندڙ قابل قدر مدد کي ساراهيو. وزيراعظم ملڪ ۾ پولي?? جي خاتمي لاءِ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ۽ سندس ٽيم جي اڻٿڪ ڪوششن سان بل گيٽس کي آگاهه ڪندي ان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن تعاون جي سمورن جاري شعبن ۾ فائونڊيشن سان نتيجاخيز حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش کي پڻ ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ پولي?? جي سمورين قسمن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن 2022ع ۾ پولي?? جي نئين ڪيسز جي رپورٽنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته هن اهو به چيو ته سيپٽمبر 2022ع کان پوليو ڪيسز ۾ وقفو آيو آهي. ٻنهي اڳواڻن حڪومت جي قيادت هيٺ ٻين پروگرامن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ بي اي?? جي اي?? جي مدد سان غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ، حفاظتي ٽيڪن جي ضروري خدمتن، مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي راست ۽ قومي بچت پروگرام جي ڊيجيٽلائيزيشن شامل آهي. گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ صحت جي سارسنڀال جي بنيادي ڍانچي جي تباهي جي ڪري پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي جاري ڪوششن کي بر?? طرح متاثر ڪيو هو جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت خصوصي اي??رجنسي ريسپانس پلان ??ي فعال طور تي عملدرآمد ڪري رهي آهي ۽ ٻارن تائين پهچ لاءِ مختلف ذريعن جي ڳولا به جاري رکندي. بل گيٽس پولي?? جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي پولي?? جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي فائونڊيشن پاران پاڪستان جي لاءِ مسلسل تعاون کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن تي گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.