اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پ??جا?? ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستحق ماڻهن جي لاءِ اٽي جو تحفل ڏنو پيو وڃي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مستحق ماڻهن کي فراهم ڪيو ويندڙ اٽي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران مستحق ماڻهن کي ريليف ۽ اٽي جي تحفي جي فراهمي جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته پ??جا?? ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستحق ماڻهن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم تاڪيد ڪئي ته مستحق ماڻهن کي فراهمي ڪيو ويندڙ اٽي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ سڄي پ??جا?? جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن ??ي مفت اٽو ورهايو ويندو جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ به رمضان دوران مستحق خاندانن ??ي اٽي جو تحفو ڏنو ويندو. مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ايس ايم ايس ??ري اٽي جي تحفي جي لاءِ پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ 50 رمضان هازارن تان اٽو سستي اگهن تي دستياب هوندو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پ??جا?? جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي، پ??جا?? خيبرپختونخواهه، بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ يوٽيلٽي اسٽو??ز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي.