اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، مواصلات ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، ريڪوڊيڪ منصوبو بلوچستان جي ل??ءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ان سان علائقي ۾ خوشحالي ايندي، حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان جا ڪيترائي علائقا خاص طور تي بلوچستان معدنيات سان ما??امال آهي، انهن قدرتي وسيلن ما?? ڀرپور فائدو کڻڻ جي ل??ءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، ريڪوڊيڪ منصوبي جي حوالي سان تازو معاهدو ٻنهي ڌرين جي ل??ءِ فائديمند ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان بيرڪ ريڪوڊيڪ مائننگ ڪمپني جي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ برسٽوو جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، مواصلات ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان جا ڪيترائي علائقا خاص طور تي بلوچستان معدنيات سان ما??امال آهي، انهن قدرتي وسيلن ما?? ڀرپور فائدو کڻڻ جي ل??ءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، ريڪوڊيڪ منصوبي جي حوالي سان تازو معاهدو ٻنهي ڌرين جي ل??ءِ فائديمند ٿيندو، ريڪوڊيڪ منصوبو پاڪستان جي ل??ءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، وزيراعظم ريڪوڊيڪ منصوبي تي عملدرآمد جي ل??ءِ پراجيڪٽ سپورٽ ٽيم جي قيام جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته منصوبي تي عملدرآمد جي ل??ءِ سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي ذميواري پوري ڪن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم ڪندڙ 70 سيڪڙو ماڻهن جو تعلق بلوچستان سان آهي، ريڪوڊيڪ ۾ ڪمپني علائقي جي ڪميونٽي ڊيولپمينٽ ڪميٽي جي تعاون سان اسڪول قائم ڪري ڇڏيو آهي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان ڪم جاري آهي، منصوبي ۾ متبادل توانائي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. بيرڪ ريڪوڊيڪ مائننگ ڪمپني جي ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبليٽي جي حوالي سان جاري ڪمن کي ساراهيندي وزيراعظم ڪمپني کي بلوچستان ۾ دانش اسڪولز قائم ڪرڻ ۾ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏني. مارڪ برسٽوو وزيراعظم کي منصوبي جي هيستائين جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم مارڪ سان ڳالهائيندي چيو ته ريڪوڊيڪ منصوبي جي حوالي سان تازو معاهدو ٻنهي ڌرين جي ل??ءِ فائديمند ٿيندو. هن چيو ته ريڪوڊيڪ منصوبو بلوچستان جي ل??ءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. وزيراعظم ريڪوڊيڪ منصوبي تي عملدرآمد جي ل??ءِ پراجيڪٽ سپورٽ اسڪيم جي قيام جي هدايت ڪندي چيو ته منصوبي تي عملدرآمد جي ل??ءِ سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي ذميواري پوري ڪن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم ڪندڙ 70 سيڪڙو ماڻهن جو تعلق بلوچستان سان آهي. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ريڪوڊيڪ ۾ ڪمپني علائقي جي ڪميونٽي ڊيولپمينٽ ڪميٽي جي تعاون سان اسڪول قائم ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ علائقي جي نوجوانن کي پيشيواراڻي ۽ اعليٰ تعليم ڏيڻ جي ل??ءِ قدم کنيا ويندا ته جيئن انهن جي ل??ءِ روزگار جون راهون کلن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته علائقي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان ڪم جاري آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته منصوبي ۾ متبادل توانائي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم بيرڪ ريڪوڊيڪ مائننگ ڪمپني جي ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبليٽي جي حوالي سان جاري ڪمن کي ساراهيو ۽ ڪمپني کي بلوچستان ۾ دانش اسڪولز قائم ڪرڻ ۾ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ترغيب پڻ ڏني. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جو خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا.