اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ 2 فيڪٽرين ۾ با??ه وسائيندي شهيد ٿيندڙ 4 فائر فائٽرز کي خراج عقيدت پيش ڪندي باهه لڳڻ جي واقعن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺو?? حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف با??ه وسائيندڙ عملي جي شهيد جوانن جي گهرڀات??ن سان تعزيت ۽ زخم??ن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته خلقِ خدا جي جان بچائيندي شهيد ٿيندڙ فائر فائٽرز جي بهادري ۽ خدمت جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم سنڌ حڪومت کي شهيد فائر فائٽرز جي گهرڀاتين جي مالي مدد ۽ ٻارن جي تعليم ۽ ڪفالت جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي علاج جي بهتر??ن سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دع?? ڪئي.