اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ ش??ري?? جي بنيادي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آئين جي پاسداري معاشري جي سمورن طبقن جي ذميواري آهي، انتظامي اٿارٽي کانسواءِ رياست ۽ ان جي ادارن جو فرض آهي ته ??هي فلاحيت تي ٻڌل نظام جي ذريعي معاشري ۾ بهتري آڻين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سماجي ڀلائي جي لاءِ عوامي خدمتن بابت ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نيٽ ورڪ فار هيومن اينڊ سوشل ڊيولپمينٽ جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ ا??سا??ي خدمت ۽ ا??سا?? دوستي جي شعبي ۾ ادارن ۽ م??ڻه?? جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ئين ش??ري?? کي اختيار ڏنو آهي جنهن سان سماجي انصاف تي ٻڌل سياسي نظام رکندڙ فلاحي رياست جو ادارڪ ٿيو آهي. هن چيو ته ??ئين جي بالادستي تمام ضروري آهي ڇو ته ??ن جا ٿنڀ تعليم، صحت، روزگار، سماجي ۽ معاشي انصاف سميت مختلف شعبن ۾ بنيادي حقن جي هدفن جو تعين ڪن ٿا. هن چيو ته ??ئين ڪنهن سياستدان يا اداري جو نه پر ملڪ جي هر م??ڻه?? بابت آهي. صدر وڌندڙ آبادي خاص طور تي غربت، ناخواندگي ۽ بيروزگاري جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سماجي ڀلائي ۽ ا??سا?? دوستي جي اهميت تي زور ڏنو. يونيسيف جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ 22.7 ملين آهي جيڪو هڪ سنگين چئلينج آهي ۽ انهن جي تعليمي ۽ هنرمندي جي نظام ۾ شموليت لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، ڇو ته ملڪ جي آبادي جو 10 سيڪڙو خصوصي م??ڻه?? کي به مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. صدر هيپاٽائيٽس، ايڊز ۽ ٻين بيمارين سميت ڪيترن ئي مرضن جي مهانگي علاج جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علاج بدران صحت جي لاءِ احتياطي طريقا اختيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته قومي ترقي سماجي نگهداشت جي نظام کي لاڳو ڪرڻ ۽ م??ڻه?? جي زندگي ۾ بهتري سان ٻڌل آهي. ان موقعي تي اين ايڇ ايس ڊي جي صدر چيو ته ??ن جي تنظيم آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ غربت جي خاتمي جي ذريعي آفتن جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڏورانهن علائقن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي تعليم ۽ صحت جي سهولتن کي يقيني بڻائڻ جي ذريعي پاڪستان جي ڪمزور ڪميونٽيز جي خدمت ڪري رهي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي اخوت فائونڊيشن جي وائيس چيئرمين بدر هارون چيو ته ??ن جي تنظيم 20 سالن ۾ 99.9 سيڪڙو جي شرح واپسي سان 200 ارب رپيا جي مائيڪرو فنانس قرضن جي ذريعي م??ڻه?? کي بااختيار بڻايو. هن ٻڌايو ته ??خوت فائونڊيشن وٽ 50 سالن کان وڌيڪ عمر جا 2000 کدڙا فقير رجسٽرڊ آهن، جيڪي انهن کي باعزت طريقي سان طبي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. اي سي ٽي انٽرنيشنل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سيد مبشر علي شاهه بنوري چيو ته ??نظيم حڪومتي کا??ن سان ويجهي رابطن ذريعي تازي ٻوڏ واري هنگامي صورتحال دوران متاثر ڪميونٽيز کي خوراڪ ۽ پناهگاهن جي فراهمي جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن، ان کانسواءِ ٻج، ڀاڻ، معاش جي تربيت ۽ وڏي پئماني تي زراعت جي بحالي جو به ڪم ڪيو پيو وڃي. صدر ان موقعي تي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سماجي ڀلائي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ تنظيمن ۽ م??ڻه?? ۾ تعريفي شيلڊز پڻ ورهايون.