اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر سيد ابراهيم رئيسي سڀاڻي خميس 18 مئي تي مند پشين بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس ۽ پولان – گبد بجلي ٽرانسميشن ل??ئين جو گڏيل طور تي افتتاح ڪندا. پاڪ ايران گڏيل سرحد سان گڏ تعمير ڪئي ويندڙ 6 سرحدي مارڪيٽن مان هڪ مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس سرحد پار واپار کي و??ائڻ، اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقامي ڪاروبار جي لاءِ موقعن جون نيون راهون کولڻ جي لاءِ هڪ فروغ پذير پليٽ فارم فر??هم ڪندي. اهڙي طرح پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن ل??ئين ايران کان 100 ميگاواٽ اضافي بجلي آڻي خاندانن ۽ ڪاروباري ادارن سميت خطي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل افتتاح ترتيبوار پاڙِسري صوبن بلوچستان ۽ سيستان ۽ بلوچستان جي رهواسين جي ڀلائي لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي مضبوط عزم جو مظهر آهي. اهو قدم ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن ۾ هڪ ??هم اڳڀرائي طور تي پڻ ڪم ڪري ٿو.