ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪوئيٽا ۾ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، فزيو ٿراپي انسٽيٽيوٽ ۽ دارالامان جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري عمران خا?? انهن ادارن جي ڪارڪردگي، معذورن جي ڀلائي ۽ خصوصي ما??هن کي معاشري ۾ باعزت روزگار فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. ثمينه عارف علوي ووڪيشنل سينٽر ۾ ڪم??يو??ر، موبائيل ريپئرنگ، فوٽوگرافي، فزيوٿراپي جي تربيت ۽ دارالامان ۾ حڪومت پارا?? انهن کي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته بلوچستان صوبي جي معذور ما??هن ۽ يتيمن ۽ بيواهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سوشل ويلفيئر کاتو اهڙي طرح معذور ۽ لاچار ما??هن جي ڀلائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ما??هن ۽ بيواهن سان ملي ۽ انهن جا مسئلا معلوم ڪ??ا.