اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان چيو آهي ته ميڊيا جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسان کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، انهن مسئلن جي حل ل??ءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اها ڳالهه هن سي پي اين اي جي باني صدر خوشنود علي خان جي س??براهي ۾ ملاقات ل??ءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد سهيل علي خان کي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سي پي اين اي اسلام آباد جي ڪنوينر ممتاز حسين ڀٽي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حوالي س??ن ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران تمام گهڻي مهانگائي جي ڪري ميڊيا انڊسٽري شديد بحران جو شڪار آهي، ميديا انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي ل??ءِ حڪومت سرڪاري اشتهارن جي ڪاٿي ۽ ريٽس ۾ مهانگائي جي شرح کي نظر ۾ رکندي مناسب اضافو ڪري. وفد ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته عمران خان حڪومت دور جي سينٽرلائيزڊ ميڊيا پاليسي جي ڪري س??ڪاري ادارن نه رڳو پنهنجي پبلسٽي بجيٽ کي گهٽ ڪيو پر پاڪستان ۾ اسلام ۽ ملڪ جي حوالي س??ن ملهائجندڙ ڏهاڙن جي موقعي تي نوجوان نسل کي اسلام ۽ پاڪستانيت کان روشناس ڪرائڻ جي ل??ءِ قومي وحدت جي ل??ءِ ميڊيا تي پيغامن، تقريري ۽ لکت وارن مقابلن جو رجحان پڻ گهٽ ٿيو آهي جنهن جي ڪري قومي وحدت کي نقصان پهچي رهيو آهي. وفد چيو ته ان آمراڻي پاليسي جي ڪري ڪجهه ادارن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ بدران سڌوسنئون ميڊيا اشتهار جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته رياست پاڪستان کي شديد نقصان ٿيندو. وڌيڪ اهو ته سي پي اين اي ??اهي ٿي ته اشتهارن جي ورڇ کي منصفاڻو بڻايو وڃي جنهن تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان چيو ته حڪومت آزاد ميڊيا جي ترقي تي نه رڳو يقين رکي ٿي پر سمورين مالي مشڪلاتن جي باوجود ان جي ل??ءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي س??براهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ميڊيا انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي ل??ءِ اشتهارن جي ڪاٿي ۽ اگهن ۾ اضافي جي ل??ءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ان موقعي تي روزاني دن جي ايڊيٽر ممتاز حسين ڀٽي ۽ روزاني صدائي سچ جي ايڊيٽر سيد تبسم عباس شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل عملدارن سان گڏجي اخبارن کي درپيش مسئلن جي ازالي جي ل??ءِ ڪم ڪندي. وفد جي ميمبرن ۾ ڪنوينر اسلام آباد ممتاز حسين ڀٽي (ايڊيٽر روزاني دن)، سيد تبسم عباس شاهه (ايڊيٽر روزاني صدائي سچ)، عقيل ترين (ايڊيٽر روزاني غزنوي)، زاهد فاروق ملڪ (ايڊيٽر روزاني ميٽرو واچ)، حسن وقار تراب (ايڊيٽر روزاني جهان)، جعفر علي بلتي (ايڊيٽر روزاني سلام گلگت)، ظهير بخاري (ايڊيٽر روزاني انڪشاف)، رائو احسان (روزاني س??مايه)، شمشاد مانگٽ (روزاني زور آور) ۽ اوي?? قاضي (ايڊيٽر روزاني سن نيوز) شامل هئا.