اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪما??ست??ن تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته وزيراعظ۾ محمد شهباز شريف چيو آهي ته تاپي خطي جي خوشحالي لاءِ اهم منصوبو آهي، منصوبي سان خطي کي قدرتي گئس جي فراهمي ممڪن ٿيندي، عالمي صورتحال جي ڏس ۾ توانائي جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج آهي، ان منصوبي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صحيحن واري تقريب ڪالهه خميس ڏينهن هتي منعقد ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان پاران پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ترڪما??ست??ن جي مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين ڪمسات بابائيف صحيحون ڪيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ وڏو ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ ترڪما??ست??ن تاپي گئس عملدرآمد منصوبي تي صحيحون ڪيون آهن. ان جي لاءِ ترڪما??ست??ن جي صدر ۽ ان جي ٽيم جا ٿور??ئت?? آهيون. تاپي ??ن پوري خطي جي خوشحالي جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي. هي منصوبو اشڪ آباد کان شروع ٿيندو ۽ افغا??ست??ن ۽ پاڪستان کان ڀارت تائين مڪمل ڪيو ويندو. ان سان هن خطي کي منصوبي تي ٺوس خاطرين ۽ گڏيل طور تي طئي ٿيل شرطن موجب قدرتي گئس حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. عالمي حالتن جي ڏس ۾ اڄ توانائي هڪ حقيقي چئلينج بڻجي چڪو آهي ۽ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پاليسين ۽ فوري قدمن جي ضرورت آهي. تاپي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪندس ته ان منصوبي جي منصوبابندي ۽ عملدرآمد جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ترڪما??ست??ن جي وفد پاران پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيندي چيو ته ان سان اسان کي اهو موقعو مليو آهي ته دنيا کي اهو يقين ڏياريون ته پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن اهم موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪما??ست??ن جي پيٽروليم واري وزارت کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ترڪما??ست??ن پاڪستان دوستي زندهه آباد.