اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عيدالاضحيٰ قرباني، برابري ۽ همدرديءَ جي جذبي جي علامت آهي، هي تهوار سماجي ۽ اقتصادي اڻبرابري کي گهٽ ڪري اتحاد کي فروغ ڏي ٿو، همدرديءَ جي جذبن کي سگهه ڏي ٿو ۽ الله ت??اليٰ جي آڏو سجدو ڪرڻ جا جذبا پيدا ڪري ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رسم ۽ رواج جي حقيقي ??اب??دي اسان کان تقويٰ ۽ صفائي سٿرائي جي زندگي اختيار ڪرڻ جي گهرج ڪري ٿي. هن چ??و ته عيدالاضحيٰ جي بابرڪت موقعي تي مسلمانن کي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جيڪي اڄ اهو تهوار ملهائي رهيا آهن. الله ت??اليٰ انهن جي زندگين کي امن ۽ خوشحالي سان نوازي.