اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کي نفرت، امتيازي سلوڪ، عدم بردا??ت جي روين جي خلاف متحد ٿيڻ ۽ گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو آهي. قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ??اقعي سميت مذهبي نفرت پکيڙيندڙ واقعن تي انساني حقن واري ڪائونسل پاران منعقد هڪ هنگامي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي سان قرآن پاڪ جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي جا واقعا جاري آه??. ه?? چيو ته اهي ڪارروايون وڌ کان وڌ نفرت پکيڙڻ جي ??اءِ انجام ڏنيون ويون آه??. ه?? چيو ته اسان کي نفرت، امتيازي سلوڪ ۽ تشدد کي ڀڙڪائن جي ڪوششن تي نظر رکڻ گهرجي. اسان کي گڏجي ان جي ??ذمت ڪرڻ گهرجي، اسان کي نفرت پکيڙيندڙن کي جدا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽي مهينا اڳ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو پهريون عالمي ڏينهن ملهايو ويو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ان موقعي تي پهريون اجلاس منعقد ڪيو ويو هو. هن چيو ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي عوامي ۽ سوچيل سمجهيل عمل سان مسلمانن کي پهچندڙ گهري ڏک کي سمجهڻ ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري قران پاڪ جي بي حرمتي کي مسلمانن جي عقيدي تي حملو قرار ڏيندي يچو ته روڪٿام ۽ احتساب جي ??اءِ هن ڪائونسل آڏو پيش ڪيل مسودي جي ??تن ۾ مطالبو معقول ۽ ضروري هو. هن چيو ته نفرت انگيز تقرير ۽ آزاداڻي تقرير کي جدا جدا ڪرڻ گهرجي ڇو ته اظهار جي آزادي ايتري ئي لازمي آهي جيتري نفرت انگيز تقرير ناقابل دفاع آهي. هن چيو ته دنيا ۾ هڪ به مسلمان ملڪ اهڙو نه آهي جيڪو ٻين مذهبن جي ??قدسات جي بي حرمتي جي اجازت ڏيندو هجي، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جو عمل ڪنهن به مسلمان جي ??اءِ ناقابل تصور آهي.