اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي و??ير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان جي 12 نئين اسٽوڊيوز جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اطلاعات وا??ي وفاقي و??ير مريم اورنگزيب جڏهن ريڊيو پاڪستان پهتي ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان طاهر حسن ۽ ريڊيو پاڪستان جي عملي سندس شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات وا??و وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان پڻ موجود هو. اطلاعات وا??ي وفاقي و??ير ريڊيو پاڪستان جي 12 نئين اسٽوڊيوز جو افتتاح ڪيو جن ۾ ايف ايم 94 اسپورٽس، 11 علائقائي زبانن جي نشريات، ماحوليا?? بابت اسٽوڊيو، ٽيڪ اسٽوڊيو، ڊراما، پروڊڪشن ۽ آڊيو ڊراما ريل جي حوالي سان اسٽوڊيوز، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، ورلڊ سروس اسٽوڊيو، نيوز بليٽن نيشنل اسٽوڊيو شامل آهن جڏهن ته صوة القرآن جي ٽرانسميشن کي پڻ ڊيجيٽل ڪيو ويو آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي و??ير پنهنجي دوري دوران ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽوڊيوز جو دورو پڻ ڪيو ۽ اتي موجود عملي سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي ڪم کي ساراهيو. ان موقعي تي هن ريڊيو پاڪستان جي اسٽاف کان انهن جي معاملن بابت معلومات پڻ ورتي. اطلاعات وا??ي وفاقي و??ير بعد ۾ ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪ??ي ۽ ميڊيا کي اهو ٽرانسميٽر پڻ ڏيکاريو جنهن جي ذريعي 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آزادي جو اعلان ڪيو ويو هو.