اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته ??هي پنهنجي ميزبان م??ڪن ۾ پاڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر نصر شاهد جي قيادت ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وفد ملاقات دوران صدر سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر چيو ته ??منڊ پار پاڪستانين جو ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي تر??ي ۾ اهم ڪردار آهي. سمنڊ پار پاڪستاني باصلاحيت ماڻهو ۽ پاڪستان جي لاءِ فخر جو سبب آهن. صدر چيو ته ??منڊ پار پاڪستاني ملڪ کان پري رهي پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته ??منڊ پار پاڪستاني پنهنجي ميزبان م??ڪن ۾ پاڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. پاڪستان کي هن وقت معاشي چئلينجز درپيش آهن، ان جي لاءِ سڀني کي متحد ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??منڊ پار پاڪستاني پنهنجي ميزبان م??ڪن جي تر??ي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته ??منڊ پار پاڪستاني پاڪستان جي تر??ي لاءِ ڪم ڪن.