اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ غربت جي خاتمي واري مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر افضل ??ٽ جي والده جي لا??اڻي تي تعزيت جي لاءِ نيشنل پريس ڪلب ويا ۽ افضل ??ٽ جي والده مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته والده الله تعاليٰ جو هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي، افضل ??ٽ جي والده جي لا??اڻي تي افسوس آهي، افضل بٽ ۽ ان جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته جن جا والدين زندهه آهن الله تعاليٰ انهن کي ڊگهي زندگي ڏي ۽ اسا?? سڀني کي پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قمر زمان ڪائره چيو ته والده جو لا??اڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، ان جي کوٽ سڄي زندگي ره?? ٿي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته والدين سان بهارون هونديون آهن، الله تعاليٰ افضل بٽ صاحب جي والده کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ??ي دعا ڪئي.