اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت پڻ مشاورت ٿي، وفد آءِ ايم ايف سان معاهدي تي وز??راعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميديا ونگ موجب وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وز??ر سيد امين الحق، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال شريڪ هئا. ان موقعي تي ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وز??ر خواجه سعد رفي?? ۽ ??قتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر سردار اياز صادق به موج??د هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ٿي. ملاقات وز??راعظم جي نگران حڪومت جوڙڻ بابت اتحادين سان مشاورت جي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ ??هي. ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت مشاورت ٿي. وفد وز??راعظم کي ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن جي ذاتي نگراني ۽ ترجيحي بنيادن تي ان تي ڪم يقيني بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. متحده جي وفد وز??راعظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف سان معاهدو مڪمل ٿيڻ تي وز??راعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.