اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ موثر حڪمت عملي تحت بلوچستان ۾ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه ڪو??يٽ?? ۾ بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. نگران وزيراعظم بجيٽ ۽ مصارف ۾ بهتر طريقيڪار تحت توازن کي برقرار رکندي وس??لن جي مناسب استعمال جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ نگران وڏو وزير، وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان معدنيات جي ح??ال?? سان وس??ع صلاحيت رکندڙ آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت جي ترقي جي ح??ال?? سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته معدنيات سان مالا مال علائقن ۾ مواصلات جي موثر بنيادي ڍانچي جي موجودگي ۾ انهن وس??لن مان موثر طريقي سان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان وزيراعظم کي صوبي جي جاري ۽ تجويز ??يل ترقياتي منصوبن بابت بريفگن پڻ ڏني.