اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معا??ري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو ته جيئن اهڙ?? واقعن جو خاتمو ٿي سگهي، انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان مسيحي برادري جي وفد ??لا??ات ڪئي. وفد جڙانوالا سانحي تي وقت سر قدم کڻڻ ۽ جڙانوالا جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته سموري رياستي مشينري اقليتن جي حقن ۽ تحفظ جي حوالي سان انهن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا بنيادي حق حاصل آهن. هن چيو ته جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندوت ه جيئن اهڙ?? واقعن جو خاتمو ٿي سگهي، اقليتي برادري پنهنجا مسئلا ۽ تجويزون حڪومت تائين پهچائي ته جيئن انهن مسئلن جو ممڪن حل ڪري سگهجي اسان جو آئين ذات، نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي سماجي، مذهبي، سياسي ۽ معاشي حق ڏي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معا??ري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اقليتي برادري پاڪستاني افرادي قوت جو بنيادي حصو آهي جنهن جو پاڪستان جي ترقي ۾ هڪ اهم ڪردار آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معا??ري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفد اقليتي برادري سان ت??لق رکندڙ خالد جارج جي بطور انساني حق?? واري نگران وفاقي وزير طور مقرري کي خوش آئنده قرار ڏنو. وفد ۾ پنجاب جو انساني حق?? وارو اڳوڻو صوبائي وزير اعجاز آگسٽن، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر آسيه انصر، بشپ اندرياس، بشپ سيموئيل ازرايا، بشپ جوزيف ارشاد، بشپ همفري پيٽرز، پاسٽر هنوڪ حشمت، پاسٽر اوليور ضياءَ شامل هئا. ??لا??ات ۾ انساني حق?? واري نگران وفاقي وزير خالد جارج ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.