اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??يرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي معيار جي هوائي سفر جي فراهمي جي لاءِ قومي ايئرلائين جي جلد کان جلد نجڪاري لازمي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب نگران و??يرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ نگران و??يرا??ظم کي پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. نگران و??يرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته صارفين کي عالمي معيار جي هوائي سفر جي فراهمي جي لاءِ قومي ايئرلائين جي جلد کان جلد نجڪاري لازمي آهي. نگران و??يرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ فواد حسن فواد کي پنهنجي ٽيم ۾ شموليت تي ڀليڪار چئي ۽ نجڪاري واري وزارت جي نگراني هيٺ پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي جلد کان جلد تڪميل تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي.