اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا ??ڄ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 40 هين سالگرهه ملهائي رهيا ??هن. ان ??وق??ي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا ??ي پرڏيهي وزير پارڪ جن سفارتي ذريعن تان مبارڪباد جي پيغامن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا ??ي وچ ۾ لاڳاپا خصوصيت سان گرمجوشي سان نمايان آهن جيڪي مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي نمايان ڪن ٿا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا ??ي پرڏيهي وزير پارڪ جن پاڪستان ۽ ڪوريا ??ي لاڳاپن جي ڀرپور تاريخ، سماجي ۽ ثقا??تي لاڳاپن، ترقي ۽ اقتصادي تعاون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي تعاون جو جائزو ورتو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پل جو ڪم ڪن ٿا. پرڏيهي وزيرن مستقبل ۾ تعاون جي مضبوط امڪانن تي زور ڏيندي سياسي، اقتصادي، ثقا??تي ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي تيز ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.