اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ عوام ?? ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿيندي، ينگ سٽيزن انٽرن شپ پروگ??ام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ?? ان جي نظام بابت آگاهي ملندي. ينگ سٽيزن انٽرن شپ پروگ??ام ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پروگ??ام ۾ شامل سمورن ٻارن کي پارليامينٽ ۾ آجيان ڪريان ٿو. قومي اسيمبلي ۾ ٻارن جي انٽرن شپ جو بنياد 2014ع ۾ رکيو ويو، ٻارن جو انٽرن شپ پروگ??ام منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻنداسين. هن چيو ته خوشي آهي ته ان پروگ??ام ۾ ملڪ جي س??ورن علائقن ۽ طبقن جي نمائندگي آهي، پارليامينٽ 25 ڪروڙ عوام جي دانش گاهه آهي. هن چيو ته ينگ سٽيزن شپ پرگ??ام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ?? ان جي نظام بابت آگاهي حاصل ٿيندي، پارليامينٽ ۽ عوام جي ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، اهو اطمينان آهي ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪريون. هن ٻارن کي پروگ??ام ۾ ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڀريو.